ڊپريشن هڪ اهڙو مرض آهي جنهن مان موجودا دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
ڊپريشن جو شڪار ماڻهو دماغي ۽ جسماني ٻنهي قسم جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.
هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ته ڊپريشن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن ۾ شگر ٽائپ 2 جهڙي پراڻي مرض مان متاثر ٿيڻ جو خطرو نمايان حد تائين وڌي وڃي ٿو. هڪ طبي تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊپريشن سڌي ريت شگر ٽائپ 2 جو شڪار بڻائيندڙ مرض ثابت ٿي سگھي ٿو.
برطانيا جي سري يونيورسٽي جي تحقيق ۾ لکين ماڻهن جي جينياتي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جن مان 19 هزار ماڻهو شگر جو شڪار هئا جڏهن ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن پاڻ کي ڊپريشن جو شڪار قرار ڏنو هو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 7 جينز ڊپريشن ۽ شگر ٻنهي مرضن جو شڪار بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.
اهي جينز دماغ، لبلبي، چرٻي جي ٽشوز ۾ ورم جو سبب بڻبا آهن ۽ ان جي حياتياتي عمل ۾ اهڙيون تبديليون اينديون آهن جن مان وضاحت ملندي آهي ته ڪيئن ڊپريشن سان شگر ٽائپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو.
محققن موجب ان تعلق مان اشارو ملي ٿو ته ڊپريشن جو شڪار ماڻهن ۾ شگر ٽائپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو.
هنن چيو ته ڊپريشن جي تاريخ رکندڙ ماڻهن کي شگر ٽائپ ٽو جي خطري تي نظر رکڻ گھرجي ته جيئن ان مرض کان بچي سگھن.
طبي ماهر سالين کان ڄاڻين ٿا ته شگر جي مريضن ۾ ڊپريشن جو خطرو ٻيڻ تي وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته اها به خبر آهي ته ڊپريشن جي مريضن ۾ شگر ظاهر ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي.
پر هيل تائين واضح نه هو ته ڊپريشن شگر جو شڪار بڻائيندڙ مرض آهي يا ان حوالي سان ڪهڙا عنصر ڪردار ادا ڪن ٿا.
ان تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ڊپريشن جو شڪار ماڻهن ۾ شگر جو خطرو وڌي ويندو آهي، پر شگر مان ڊپريشن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ناهي وڌندو.
محققن جو چوڻ هو ته نتيجن مان واضح ٿئي ٿو ته ڊپريشن شگر ٽائپ ٽو جو خطرو وڌائيندڙ عنصر آهي ۽ هو ئي سبب آهي جو ذهني صحت جي ان مرض جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن.
ان تحقيق جا نتيجا جرنلDiabetes Care ۾ ڇپيل آهن.
Next Post
You might also like