اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي عدالت طرفان جڊيشل رمانڊ ڏيڻ کانپوءِ پوليس سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان جڊيشل رمانڊ جي منظوري بعد پوليس پرويز الاهي کي وٺڻ لاءِ عدالت جي ڪمري ۾ پهتي، پوليس ۽ پرويز الاهي وچ ۾ ڪجهه دير ڳالهه ٻول ٿي.
پوليس آفيسرن پرويز الاهي کي چيو چوڌري صاحب اچو ته هلون، ان تي پرويز الاهي جواب ڏنوته جڊيشل رمانڊ جو آرڊر ملندو ته هلندس، هاڻ مون کي اوهان گڏ ناهي هلڻو، عدالت اڊيالا جيل موڪليو آهي، هاڻي اڊيالا جيل لاءِ گاڏي ڪير ڏيندو.
پوليس پرويز الاهي کي چيو ته جنهن بڪتربند گاڏي ۾ آيا، ان ۾ اي سي لڳل آهي، پوليس آفيسر جي ٻڌائڻ تي پرويز الاهي جواب ڏنو ته هو بڪتربند گاڏي ۾ نه ويندو.
پرويز الاهي پوليس آفيسر سان مڪالمو ڪيو ته پنهنجي محرر سان ڳالهرائي، منهنجي سامان جو ڇا ٿيو؟ پوليس آفيسر جواب ڏنو ته سر اوهان جو سامان گاي ۾ پيو آهي.