اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ پي ڊي ايم حڪومت جا عدالتي بينچ تي اعتراض رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال 32 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ججن تي اُٿاريل اعتراض جي قانون جي نظر ۾ ڪائي اهميت ناهي، اعتراض جي درخواست سٺي نيت بدران بئنچ رڪن کي هراسان ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالت نوٽ ڪيو ته وفاقي حڪومت مختلف حربا استعمال ڪري دير ڪئي، وفاقي حڪومت عدالت جي توهين ڪئي وئي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي توهين جو سلسلو پهرين مارچ 2023ع کان شروع ٿيو ، پهرين مارچ 2023ع کان چيو ويو ته چار ٽي جي اڪثريت سان اسپيڪر جي درخواست رد ڪئي، وفاقي سرڪار چار اپريل جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل جي پٺيان لڪي، وفاقي سرڪار جو مقصد پنهنجي بي عملي کي جواز ڏيڻ هو، ان کانپوءِ پارليامينٽ سُپريم ڪورٽ ري ويو آف ججمينٽ اينڊ آرڊر قانون منظور ڪيو جنهن کي سُپريم ڪورٽ غير آئيني قرار ڏئي چڪي آهي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اعتراض جي درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد چيف جسٽس پاڪستان کي بئنچ کان ڌار ڪرڻ هو، وفاقي وزيرن مختلف ڪيس ٻڌڻ وارن ججن خلاف بيان بازي ڪئي، وزيرن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن خلاف ڪيس ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا، سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي ان رويي کي انتهائي تحمل ۽ صبر سان برداشت ڪيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 15 ئي تي پنجاب اسيمبلي ۾ 14 مئي تي چونڊن جي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرائڻ لاءِ مظاهرا ڪيا ويا، انهن مظاهرن جو پريشان ڪندڙ رُخ حڪومت جي اتحادين کي عدالت خلاف احتجاج ۾ ڏنل مدد هئي، جنهن جو مقصد عدالت ۽ ججن تي دٻاءُ وجهڻ هو ته جيئن هو ڪو به فيصلو نه يا سندن حق ۾ فيصلو ڏين، وفاقي حڪومت جي مدد سان پاور شو ذريعي عداليا تي سڌي ريت حملو ڪيو ويو.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي عدالتي فيصلن تي عمل ۽ سهڪار نه ڪرڻ کي صبر ڪيو، عدالتي فيصلا نه مڃڻ تي وفاقي سرڪار خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، آڊيو ليڪس اچڻ تي وفاقي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن عدالتي فيصلن ۽ ڪارروائي تي ڌمڪيون ڏنيون، ججن مٿان حملي جي هڪ مثال 15 مئي تي سامهون آئي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 15 مئي تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي چار اپريل جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪري رهي هئي، چار اپريل تي سُپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، 15 مئي تي حڪومت جي اتحادي جماعتن سُپريم ڪورٽ ٻاهران جارحاڻو مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ چيف جسٽس پاڪستان کي سنگين نوعيت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڌمڪيون ڏيڻ جو مقصد عداليا تي دٻاءُ وجهڻ هو.
آڊيو ليڪس ڪيس جو پس منظر
چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي خواشدامن، خواجا طارق رحيم جي گهرواري، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ، جسٽس مظاهر نقوي، عابد زبيري ۽ پرويز الاهي جي مبينا آڊيو ليڪس تي حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي هئي.
حڪومت 9 مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هائيڪورٽن جا چيف جسٽس شامل هئا، جنهن تي عدالت چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل 5 رڪني بينچ جوڙي هئي.
عدالتي بينچ هن ڪيس جون ٻه ٻڌڻيون ڪيون ۽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
گذريل حڪومت مفادن جي ٽڪراءَ سبب ٽن ججن کي بينچ مان ڌار ڪرڻ لاءِ ڌار درخواست داخل ڪئي هئي، حڪومت طرفان بينچ ۾ شامل ٽن ججن چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي اعتراض اٿاريا ويا هئا.
عدالت حڪومت طرفام بينچ تي اعتراض جي ڌار درخواست تي ٻڌڻي بعد 6 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو .