مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو اثر، کنڊ جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان کنڊ مافيا خلاف مُلڪ گير ڪريڪ ڊائون کانپوءِ مختلف شهرن ۾ کنڊ جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب، ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ ويهه رُپيا لاٿ آئي آهي جنهن کانپوءِ هڪ ڪلو کنڊ ٻه سئو رُپين وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 205 کان 210 رُپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.

ذريعن موجب، گذريل ڏينهن کنڊ جي في ڪلو قيمت 225 مان گهٽجي 220 رُپيا ٿي هئي.

ضلعي انتظاميا دعوي ڪيئ آهي ته ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائي کانپوءِ کنڊ جو في ڪلو اگهه 190 رُپيا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.