آگسٽ ۾ مارڪ زڪربرگ اعلان ڪيو هو ته واٽس ايپ ۾ ايڇ ڊي فوٽوز شيئر ڪرڻ وارو فيچر تمام جلد متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته ايڇ ڊي وڊيوز جو فيچر به جلد ميسجنگ ايپ جو حصو بڻجندو.
هاڻي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ايڇ ڊي فوٽوز ۽ وڊيوز وارو فيچر سمورن واهيپدارن لاءِ دستياب آهي.
واٽس ايپ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ايڇ ڊي فوٽوز ۽ وڊيوز جو فيچر سموري دنيا جا واهپيدار استعمال ڪري سگهندا.
ڪمپني طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيچر ذريعي صارفين پنهنجن يادگار لمحن کي شيئر ڪري سگهن ٿا.
نئين فيچر ذريعي واهپيدار واٽس ايپ تي 720p ريزو ليشن واريون وڊيوز پنهنجي دوستن سان شيئر ڪري سگهندا، ان کان اڳ 480p جون وڊيوز ئي سينڊ ڪرڻ ممڪن هو.
اِهو فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ ان فوٽو يا وڊيو کي سليڪٽ ڪريو جنهن کي شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ اسڪرين جي مٿان ايڊيٽنگ ٽولز ۾ ايڇ ڊي واري آپشن تي ڪِلڪ ڪريو.
جڏهن اوهان ايڇ ڊي آپشن تي ڪلڪ ڪندئو ته هڪ نئين پوپ اَپ ونڊو ظاهر ٿيندي جتي اوهان فوٽو يا وڊيو ڪوالٽي سليڪٽ ڪري سگهندئو.
واٽس ايپ ۾ هاءِ ڊيفالٽ اسٽينڊرڊ ڪوالٽي کي سليڪٽ ڪيو ويو آهي پر ان جي هيٺان ايڇ ڊي ڪوالٽي جو آپشن به هوندو.
جڏهن ڪو صارف ايڇ ڊي ڪوالٽي کي سليڪٽ ڪري فوٽو يا وڊيو شيئر ڪندو ته ان ۾ ايڇ ڊي ليبل به کاٻي ڪُنڊ ۾ هيٺ نظر ايندو.