ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب غريب لاءِ چانهه جو اڌ ڪوپ پيئڻ به مسئلو بڻجي ويو.
کنڊ جو اگهه ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کنڊ سان ٺهندڙ شيون به مهانگيون ٿي رهيون آهن.
مٺائي، آئس ڪريم ۽ ٻين شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، کنڊ مهانگي ٿيڻ سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هوٽلن تي چانهه جو ڪوپ به وڌي 80 رپين جو ٿي ويو آهي.
مهانگائيءَ سبب هوٽلن تي اڳ ئي اڌ ڪوپ پيئڻ جو رجحان وڌي رهيو هو، هاڻ شايد غريب ماڻهو اڌ ڪوپ به نه پي سگهي.
You might also like