پاڪستان خلاف بيان، شاهد آفريدي، جئه شاهه کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) جي صدر جئه شاهه جي پاڪستان جي سيڪيورٽي بابت بيان تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ايشيا ڪپ دبئي بدران سريلنڪا ۾ڪرائڻ واري معاملي تي جئه شاهه گذريل ڏينهن بيان ڏنو هو ته سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال سبب سموريون ميچون ميمبرز، ميڊيا رائٽس هولڊرز ۽ اسٽيڊيم رائٽس هولڊرز مڪمل ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان لنوائي رهيا هئا.

اي سي سي جي صدر جئه شاهه جي بيان تي شاهد آفريدي به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس شاهد آفريدي جئه شاهه کي مينشن ڪندي لکيو ته جئه شاهه جو پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال بابت بيان پڙهيو، سندس يادداشت کي تازو ڪرڻ لاءِ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان گذريل ڇهن سالن دوران ڪيئي پرڏيهي ٽيمن ۽ رانديگرن جي ميزباني ڪئي آهي.

شاهد آفريدي پنهنجي پوسٽ ڇهن سالن دوران پاڪستان جو دورو ڪندڙ ٽيمن جي هڪ فهرست پڻ جاري ڪئي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وڌيڪ لکيو ته مسٽر شاهه ڪو شڪ ناهي پاڪستان 2025 ۾ پاڪستان شيڊيول چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.