لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي چوري کانپوءِ گئس چوري خلاف به آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
سوئي ناردرن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر طفيل موجب گئس چوري تي ضابطي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وئي آهي، 3 سالن ۾ 803 ڪيس داخل ڪيا ويا، ان دوران 361 ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
هن چيو ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪئي ويندي آهي، امپورٽڊ گئس لوڪل گئس کان ٽيڻ تي مهانگي آهي، حڪومتي ادارن کان گئس جي مد ۾ 300 ارب رپيا وٺڻا آهن، سوئي گئس کاتي ۾ 23 سالن کان آفيسرن کي مفت گئس جي سهولت ختم آهي.
You might also like