اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيم جو اعزاز آسٽريليا وٽ آهي جنهن 2015ع ۾ افغانستان خلاف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 417 رنسون ٺاهيون هيون جيڪو هيل تائين ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ آهي.
ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ ٽيم ڀارت جي آهي جنهن 2007ع ۾ برمودا خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 413 رنسون ٺاهيون هيون.
ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ٽوٽل ٺاهيندڙ ٽيم جو اعزاز ڏکڻ آفريڪا کي حاصل آهي جنهن 2015 جي عالمي ڪپ ۾ آئرلينڊ خلاف چئن وڪيٽن جي نقصان تي 411 رنسون ٺاهيون هيون.