اربين رپيا ٺاهيندڙ فيض حميد، باجوا، عاصم سليم خلاف به ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي آرمي چيف پاران معيشت جي معاملن ۽ ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون جي خاطرين واري معاملي تي بحث لڳاتار جاري آهي.

ڊاڪٽر حميرا سيف ٽوئيٽر تي لکيو ته واپڊا جو  موجوده چيئرمين جنرل سجاد غني به ڪور ڪمانڊر ڪراچي هو ۽ 2016ع ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ کيس 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو هو.

هتي ڪو حافظ صاحب جو ڌيان ڇڪائڻ گهرجي، جيسمين آفريدي لکيو ته ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني 2013ع ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي هو، هو بدترين ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۾ ملوث هو، هو انهن 6 جنرلن ۾ شامل هو، جن کي ڪرپشن جي الزام ۾ راحيل شريف فوج مان ڪڍيو هو.

آگسٽ 2022 ۾ شهباز تابعدار باجوه جي حڪم تي کيس واپڊا جو چيئرمين بڻايو ۽ هاڻي اها ٻلي کير جي حفاظت ڪري رهي آهي.

صحافي اسد طور چيو ته جنرل باجوه 12 ارب جا اثاثا کڻي هليو ويو، ڇا جنرل عاصم منير کان پڇندو ته تو وٽ ايتريون ملڪيتون ڪٿان آيون، توهان جي پٽن ايتريون ملڪيتون ڪٿان ٺاهيون، ڌيئرن جي نالي تي 100،100ڪينال زمينون ڪٿان آيون؟

اينڪر مبشر لقمان چيو ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد وٽ خانداني زمين 100 ايڪڙ هئي، بعد ۾ جيڪا 2500 ايڪڙن تائين پهچي وئي، هن جو ٻه ارب رپين جو محل آهي، ڪير هن کان به پڇاڻو ڪندو، هڪ ٽوئيٽر صارف لکيو ته پاپا جونز واري جنرل عاصم سليم باجوا وٽ اربين رپين جا اثاثا ڪٿان آيا؟.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 7 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.