سموري مُلڪ ۾ سج لٿي کانپوءِ ڪاروبار بند ڪرڻ تي غور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزارت بجلي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ سموري مُلڪ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار سج لٿي کانپوءِ بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، توانائي واري وزارت طرفان پيس ڪيل تجويز تي پهرين آڪٽوبر کان پندرنهن فيبروري تائين عملدرآمد جو امڪان آهي ۽ تجويز تي عمل ڪرائڻ لاءِ چيمبرز آف فيڊريشن ۽ واپاري تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان تجويز تي چئني صوبائي حڪومتن کي عمل ڪرڻ جو چيو ويندو جڏهن ته بجلي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ قانوسازي جو مسودو تياري ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، اهڙي قدم سان روزانو 1500 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.