ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي ۾ سندس مخالف ويٺل آهن، هن پوليس جي لٺبازي جي ترديد ڪئي جڏهن ته وائرل وڊيوز ۾ پوليس اهلڪار نظر اچن ٿا.
ذريعن موجب ايس ايس پي امجد شيخ جو موقف آهي ته پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڌرڻي ۾ سندس مخالف ويٺل آهن، پوليس کي ڌرڻي کان پري رکيو وڃي.
هن چيو ته ڌرڻو هڻڻ وارن کان پڇيو وڃي ته اهي ماڻهو ڪير هئا جن حملو ڪيو آهي.