شادي جي ڏينهن ڪنوار جي فرار ٿيڻ جون خبرون ته توهان ٻڌيون هونديون پر جيڪڏهن گهوٽ شادي مان فرار ٿي وڃي ته ڪهڙي صورتحال هوندي؟ اهڙو ئي ڪجهه انڊونيشيا ۾ هڪ شادي دوران ٿيو.
انڊونيشيا ۾ شادي جي ڏينهن گهوٽ گم ٿي ويو، جنهن تي ان جي پيءَ ڪنوار سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نوجوان ۽ ناريءَ ۾ پراڻا لاڳاپا هئا، 29 آگسٽ تي انهن جي شادي ٿيڻي هئي پر اوچتو نوجوان فرار ٿي ويو.
شادي جي تقريب ۾ مهمان موجود هئا ۽ گهوٽ جي وارثن طرفان اهڙي واقعي جو ٻڌائڻ انهن لاءِ شرمندگي جو ڪارڻ هو.
ڪنواريتن به شادي جي تياري تي اڍائي ڪروڙ انڊونيشين رپيا خرچ ڪيا هئا، تنهن ڪري گهوٽ جي پيءَ شادي جو فيصلو ڪيو.
You might also like