چترال (ويب ڊيسڪ) چترال جي علائقي ڪيلاش ۾ پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن ٻه فوجي چوڪين تي حملو ڪيو، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي وڏي انگ جديد هٿيارن سان فوجي چوڪين تي حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز حملو ناڪام بڻائيندي دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهچايو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 جوان شهيد ۽ 12 دهشتگرد مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو ته افغان صوبن نورستان ۽ ڪنڙ ۾ دهشتگردن جي چرپر کان افغان حڪومت کي وقت تي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، اميد ته افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندي.
چترال: پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن جو حملو، 4 جوان شهيد، 12 دهشتگرد مارجي ويا
Next Post
You might also like