ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فائيو جي ٽيڪنالوجي پاڪستان کان هڪ ڀيرو وري پري ٿيندي پئي وڃي، اڳوڻي حڪومت ڊسمبر 2023ع ۾ فائيو جي متعارف ڪرائڻ جو هدف مقرر ڪيو هو جڏهن ته اڳوڻي حڪومت اهو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
موجودا نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف 10 مهينن ۾ فائيو جي متعارف ڪرائڻ جي ذميواري کڻي ورتي، 10 مهينن ۾ فائيو جي آڻڻ جو هدف مقرر ڪري ڇڏيو. حڪومت ٽيلي ڪام آپريٽرز تي فائيو جي ايڪوپمنٽ لڳائڻ ۽ ٽيڪنالوجي آڻن لاءِ دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن ٽيلي ڪام انڊسٽري هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن، انڊسٽري نگران وزير سان موجودا فور جي نيٽورڪ جي پهچ ۽ خدمتن جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سهڪار جو مطالبو ڪري رهي آهي.
انڊسٽري جي ماهرن جو چوڻ هو ته فائيو جي ٽيڪنالوجي صنعتي ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ گھڻي وياج خور آهي، پاڪستان جو صنعتي شعبو نئين ٽيڪنالوجي مان فائدو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ٻي پاسي فائيو جي لاءِ مهانگا فونز به پاڪستان جي ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن جي بحران ۾ اضافو ڪندا.
انڊسٽري ذريعن موجب نگران حڪومت جو 10 مهينن ۾ فائيو جي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ جو هدف ٽيليڪام انڊسٽري رد ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like