سنڌ ۾ 50 ٽريلين ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جي معدني ذخيرن جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) معدنيات ۽ ذخيرن بابت سنڌ جي نگران صوبائي وزير مير خدا بخش مري چيو آهي ته رڳو سنڌ جي زمين ۾ 50 ٽريلين ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جا معدني ذخيرا موجود آهن.
اها ڳالهه هن معدنيات ۽ ذخيرن واري کاتي ۽ دادو يونيورسٽي آف انجينيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت جي صحيح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.
مير خدا بخش چيو ته پهريون ڀيرو بائيولوجيڪل مشينن جي استعمال، ڊيٽا شيئرنگ ۽ رسرچ جي ذريعي انهن ذخيرن مان فائدو ورتو ويندو.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ماضي ۾ کاتي، يونيورسٽيز ۽ لاڳاپيل ذميوارن جي غلطين سبب ان کاتي ۾ بهتر ڪم نه ٿي سگھيو. دنيا جي مختلف ملڪن جي، جي ڊي پي جو دارومدار معدنيات تي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ نئين ٽيڪنالوجي ۽ عالمي سيڙپڪاري آندي وڃي.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي زمين ۾ سليڪار سيند سوڌو 50 ٽريلين ڊالرز جي معدنيات موجود آهي جڏهن ته ملڪ رڳ وهڪ ٽريلين ڊالرز لاءِ ترسي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني مائننگ جي خلاف ادارن کي شڪايتي خط لکيو آهي، کاتي جو سسٽم ڊجيٽلائز ڪرڻ ۽ مانيٽرنگ لاءِ هڪ ڪميٽي بڻائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.