پشاور: تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ سوين جوابدار گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ 460 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي پوليس لائنز ڪاشف آفتاب عباسي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تعليمي ادارن جي ڀرپاسي منشيات سپلاءِ ڪئي ويندي آهي، شاگردن کي منشيات کان بچائڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
هن چيو ته مهم دوران پشاور ۾ هيل تائين 15 ڏينهن ۾ منشيات فروشي جا 401 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ان ڌنڌي ۾ ملوث 460 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار تعليمي ادارن ۾ نشي آور گوريون سپلاءِ ڪندا هئا ۽ انهن جو سڄو نيٽ ورڪ آهي، گرفتار جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.