اسان جي رڳن جو رنگ گھرو ڳاڙهو هوندو آهي پر پوءِ به کَلَ جي هيٺ رڳون سايون يا نيريون نظر اينديون آهن.
رڳون بنيادي طور تي رت جي شريانين جو ئي هڪ قسم هونديون آهن.
گھڻو ڪري رڳون جسم جي ٽشوز مان آڪسيجن کان خالي رت کي واپس دل تائين پهچائڻ جو ڪم ڪنديون آهن.
يعني ان جو ڪم رت بابت آهي ته پوءِ به اهي سايون ڇو نظر اينديون آهن؟
ان جي جواب کان اڳ اهو ڄاڻي وٺو ته جسم ۾ ٽن قسمن جون رڳون هونديون آهن، deep veins، pulmonary veins ۽ superficial veins.
انهن مان superficial veins اهي رڳون هونديون آهن جيڪي اسان کي هٿن يا جسم جي ٻين حصن تي نظر اينديون آهن.
هاڻ انهن جو رڳو سائو نظر اچڻ جي ڳالهه ڪجي ته ان جو سبب گھڻو دلڇسپ آهي.
اهو سبب رڳن جي ويولينٿ ۾ لڪيل آهي.
ويولينٿ مان مراد اها روشني آهي جيڪا اسان جون اکيون ڏسنديون آهن ۽ ان موجب رنگن کي سڃانينديون آهن.
ڳاڙهي رنگ جي ويولينٿ سڀ کان ڊگھي هوندي آهي پر ان ۾ توانائي جو مقدار سڀ کان گھٽ هوندو آهي.
تنهنڪري رڳن جو رنگ سائو يا نيرو نظر اچڻ جو سبب اهو آهي ته اهي کَلَ ۽ ٽشوز جي تهن جي هيٺان هونديون آهن.
کَلَ ۽ ٽشوز ڳاڙهي رنگ جي ويولينٿ کي وڌيڪ جذب ڪندي آهي پر اسان جي اکين ۾ وڌيڪ توانائي واري ويولينٿ پهچنديون آهن جنهن سبب اڳون سايون يا نيري رنگ جون نظر اينديون آهن.
جيڪڏهن اوهان جي کَلَ هلڪي رنگ (جهڙوڪ اڇي) جي آهي ته پوءِ نيري يا نيريون يا سايون رڳون نظر اچڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
جيڪڏهن کَلَ جو رنگ گھرو هجي ته پوءِ رڳن جو رنگ ڏسڻ ڏکيو هوندو آهي.
You might also like