ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ جاچ پوليس پاران سستي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب مقتولا فاطما ڦرڙو جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ هن وقت تائين جاري ناهي ٿي سگهي.
نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه ۽ فياض شاهه به هن وقت تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آهن.
اسد شاهه جي ڊي اين اي لاءِ ٻيهر سيمپل لاهور ۽ ڪراچي موڪلڻ باوجود هن وقت تائين رپورٽ ناهي آئي.
ڪيس جي جاچ ڪندڙ خيرپور جو ايس ايس پي روحيل کوسو به تبديل ٿي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٻارڙن سان زيادتي واري معاملي تي اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انويسٽيگيشن ايڪٽ 2021 تي عملدرآمد لاءِ درخواست تي جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي سنڌ ۽ نادرا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو.
عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کان جواب گهري ورتو آهي.