پي ڊي ايم حڪومت ۾ به ملڪي قرضن ۾ وڏي واڌ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ پاسي ملڪي معاشي صورتحال خراب هئي ته ٻئي پاسي پي ڊي ايم حڪومت شاهي خرچن ۾ مصروف هئي، 13 جماعتي حڪومت 16 مهينن ۾ ميڊيا کي تقريبن 10 ارب رپين جا اشتهار جاري ڪيا.
سيڪريٽري اطلاعات موجب گذريل ڏيڍ سال ۾ حڪومت 9 ارب 60 ڪروڙ رپين جا اشتهار ڏنا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا کي 3 ارب 50 ڪروڙ، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 4 ارب 79 ڪروڙ ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جا اشتهار جاري ٿيا.
ملڪي قرضن ۾ واڌ ۾ به پي ڊي ايم حڪومت جو وڏو هٿ سامهون آيو آهي، ملڪي قرضن جو ڪاٿو 19 کرب 4 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.
جولاءِ 2023 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 61 ارب 8 ارب رپيا هو، جيڪو گذريل مهيني کان 907 ارب رپيا وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.