بيجنگ (ويب ڊيسڪ) بيجنگ ۾ چيني ڪمپني آنر ڊجيٽل هيڊ بيگ يا پرس جهڙو دنيا جو پهريون سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ان کي ”آنر پرس“ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي سولائي سان فولڊ به ڪري سگھجي ٿو.
عورتن جي پسنديدهه ڊزائين کي نظر ۾ رکندي ان پرس جي هڪ سائيڊ گھڻي واضح ۽ روشن بڻائي وئي آهي.
حقيقت ۾ اها فون وڏي ڊسپلي واري سمارٽ فون جي خواهشمند عورتن ۽ ورڪنگ وومن لاءِ بڻائي وئي آهي.
فون جون ڪنڊون ڪُلهي سان لڙڪائڻ لاءِ ان ۾ هڪ مضبوط زنجير لڳايو ويو آهي، جنهن جي ڊزائين هڪ ڪلڪ سان تبديل ڪري سگھجي ٿي.
ان کي پهريون ڀيرو برلن جي آءِ ايف اي 2023ع ٽيڪنالوجي ۾ پيش ڪيو ويو هو.
ڪمپني موجب عورتن لاءِ پهرڻ جوڳا فون تيار ڪيا پياوڃن ته جيئن ان سان گڏوگڏ روزمرهه جي زندگي ۾ به سولائي سان حصو وٺي سگھن.
231 گرام V-Purse سمارٽ فون ڪاري، سلڪ بليڪ، پرپل ۽ گولڊ ڪلر ۾ دستياب آهي، جڏهن ته ڊسپلي ايل اِي ڊي اٿس.
پرس جي ڪنڊن کي ٽائٽينيم ميٽل مان تيار ڪئي وئي آهي، ان جي ڊسپلي مڪمل طور تي کولڻ تي 145 ملي ميٽر کان ٿوري وڏي هجي ٿي. مخصوص اسڪرين ريزولوشن 2156X2344 آهي، ۽ مخصوص وڊيو ريزولوشن 3840X2160 آهي.
عورتون ڪُلهي تي لڙڪندڙ پٽي کي تبديل ڪري سگھن ٿيون، جن ۾ زنجير، پٽي ۽ ڪپڙي جون پٽيون به شامل آهن.
آنر حقيقت ۾ هواوي جي نجي ڪمپني آهي جنهن پنهنجي ان پرس فون جي تاريخ ۽ قيمت بابت تفصيل ناهن ٻڌايا.
You might also like