سياستدانن جو وارو اچي ويو؟ ڪا به پارٽي ملڪ سان مخلص ناهي، آرمي چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪندڙ واپارين موجب آرمي چيف چيو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص ناهي.

صدر ايف پي سي سي آءِ عرفان شيخ ٻڌايو ته آرمي چيف 8 کان 10 سياستدانن جا نالا وٺي چيو ته هي موٽرسائيڪل تي هئا، هاڻي پرڏيهه ۾ آهن.

پاڪ فوج جي سربراهه جنر عاصم منير سان ٽي سيپٽمبر تي ڪراچي ۽ لاهور جي واپارين ملاقات ڪئيهئي جنهن ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت زبير موتي والا به شامل هو.

گذريل ڏينهن نجي پروگرام ۾ ڳالهائيندي موتي والا ٻڌايو ته آرمي چيف ڳالهين ۾ اهو به چيو ته ڪابه سياسي پارٽي پاڪستان سان مخلص ناهي.

صدر ايف پي سي سي آءِ عرفان شيخ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيوته پاڪستاني معيشت جي حوالي سان پاڪ فوج جو سربراهه سرگرم ۽ فڪرمند آهي ۽ جلد سياسي شخصيتون قانون جي ڪٽهڙي ۾ نظر اينديون.

عرفان شيخ ملاقات جو احوال ٻڌايو ته آرمي چيف باقاعده 8 کان 10 سياستدانن جا نالا وٺي چيو ته هي ماڻهو موٽرسائيڪل هلائيندا هئا هاڻي پسو به اچي ويو آهي ۽ پرڏيهه به هليا ويا.

عرفان شيخ چيو ته آرمي چيف سان ڳالهين مان لڳو ته هاڻي سڀني سياستدانن ۾ هٿ وڌو ويندو.

ان کان اڳ آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ واپاري ڪاشف انور چيو هو ته وفد سان ملاقات ۾ آرمي چيف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪونسل جي اهم ڪردار تي روشني وجهندي واپارين کي خاطري ڪرائي ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سولايون پيدا ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.