ويڙهه جو جواز نه بڻايو: خورشيد شاهه ن ليگ خلاف سڄو اوٻر ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اتحادي حڪومت جي خاتمي ۽ نگران حڪومت جي اچڻ کانپوءِ پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻن جا هڪٻئي خلاف بيان سامهون اچي رهيا آهن.
کنڊ بحران تي تازو احسن اقبال ۽ نويد قمر آمهون سامهون ٿيا هئا، جڏهن ته هاڻ پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه به ن ليگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ جي اندر وڏي جنگ هلي رهي آهي، پ پ تي تنقيد ٻاراڻي حرڪت آهي، ن ليگ پنهنجي اختلافن جو بار پ پ تي نه وجهي، اتحادي حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا اختلاف ٿيا پر آصف زرداري، شهباز شريف جي ڀرپور مدد ڪئي.
هن چيو ته پ پ ويڙهه کان پاسو ڪندي آهي، بهتر هوندو ته ن ليگ به ويڙهه جو جواز نه بڻائي، ن ليگ اندر وڏي جنگ هلي رهي آهي، ان جي اندر اختلاف دنيا کي نظر اچي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ اختلافن جو شڪار آهي، ن ليگ پنهنجي اختلافن جو بار پ پ تي وجهي رهي آهي، اتحادي حڪومت ۾ به ن ليگ ۾ اختلاف هوندا هئا، شهباز شريف پنهنجي وزيرن ۾ ٺاهه ڪرائيندو هو، پ پ تي تنقيد ٻاراڻي حرڪت آهي.
خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ اڪيلي هلڻ چاهي ٿي ته اها فيصلي ۾ آزاد آهي، پ پ ادارن سميت ڪنهن سان ويڙهه نٿي چاهي.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سياست ۾ ڪڏهن ڪو دوست ڪڏهن ڪو مخالف هوندو آهي، مان نواز شريف کي چيو هو ايترو وڙهو ته جيئن اڳتي گڏ ويهڻو پئي ته شرمندگي نه ٿئي، نواز شريف سپريم ڪورٽ ويو، استعيفائن جو مطالبو ڪيو، پوءِ نواز شريف پنهنجي غلطي تي معافي به گهري.
هن چيو ته پ پ ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان حوالي سان ن ليگ مدد نه ڪئي، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي هاڻ بي وقوف نٿو بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.