پنهنجو ۽ صحت جو قدر آهي ته فوري طور باٿروم ڀَڄو!

صحت خدا تعاليٰ طرفان نعمت آهي جيڪڏهن ان جو خيال نه ڪجي ته انسان وڏي مسئلن جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ ان جي زندگي به داءَ تي لڳي سگهي ٿي.

اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته بيماريون اسان جي احتياط نه ڪرڻ جي ڪري به ٿينديون آهن، ائين ناهي ته بيمار نه ٿيڻ ماڻهن جي هٿ ۾ هوندو آهي پر نظر انداز ڪرڻ جي ڪري به ڪيتريون ئي بيماروين موتمار ثابت ٿينديون آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي موتمار بيماريون وري پنهنجي سستي ۽ ڪاهلي جي ڪري به ٿينديون آهن. اهڙا ڪيترائي عمل آهن جيڪي نه ڪجن ته ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگهن ٿيون انهن مان هڪ عمل پيشاب ۾ دير ڪرڻ به آهي.

جيڪڏهن توهان کي پيشاب اچي ٿو ته توهان ٻيا ڪم ڇڏي فوري طور تي باٿروم ڀَڄو.

اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا آهن جيڪي سستي ۽ ٻين ڪمن ڪارن جي ڪري باٿروم وڃڻ ۾ دير ڪندا آهن پر اهو عمل انهن جي لاءِ انتهائي نقصانڪار هوندو آهي.

پيشاب ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ سان ڪهڙا مسئلا ٿي سگهن ٿا اڄ اسان اوهان کي انهن جي باري ۾ ٻڌائينداسين.

جيڪي ماڻهو پيشاب کي روڪڻ جي عادت بڻائي ڇڏيندا آهن انهن جي مثاني ۽ گردن ۾ تڪليف ٿيڻ عام معمول هوندو آهي. جيڪڏهن گهڻي گهڻي دير تائين پيشاب روڪي رکجي ته پوءِ ڀلي توهان صحيح وقت تي پيشاب ڪيو به ته توهان کي اها تڪليف ضرور ٿيندي.

پيشاب ۾ دير پيشاب جي نالي ۾ انفيڪشن جو سبب به بڻبو آهي. ڇو ته پيشاب روڪڻ سان جراثيم گڏ ٿيندا رهندا آهن جنهن جي ڪري پيشاب جي نالي ۾ سوڄ جا خطرا به وڌي ويندا آهن.

اهو ئي سبب آهي ته صحت جا ماهر گهڻي دير تائين پيشاب روڪڻ واري عمل کان سختي سان روڪيندا رهندا آهن.

جيڪڏهن پيشاب روڪڻ کي عادت بڻايو وڃي ته مثانو ڦهلجي وڏو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪنهن به حوالي سان صحت لاءِ سُٺو عمل ناهي.

جيڪڏهن مثانو سُڄي وڃي، ڦهلجي وڃي ته پوءِ پيشاب کي روڪڻ يا وري پيشاب کي ٻاهر ڪڍڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پيشاب پاڻمرادو طور نڪري ويندو آهي ۽ ڪڏهن وري گهڻو پيشاب اچڻ جي باوجود به پيشاب ٻاهر ناهي نڪرندو جيڪو به توهان جي زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.

پيشاب گهڻي دير تائين روڪڻ سان گردن ۾ پٿريون ٿيڻ جا خطرا به وڌي ويندا آهن. خاص ڪري اهڙي ماڻهن کي جن کي اڳ ۾ گردن ۾ پٿرين جي شڪايت هجي.

پيشاب روڪڻ وارو عمل گردي ۾ پٿرين کانسواءِ گردن جي صحت لاءِ به انتهائي خطرناڪ عمل هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.