ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڊگهي ۽ صحتمند ڄمار جو تعلق توهان جي ڄنگهن جي طاقت سان به ٿي سگهي ٿو؟
اهو ٻڌي حيرت ضرور ٿيندي پر اهو سچ آهي، تازو ئي تقريبن ٻه ملين ماڻهن تي ڪيل هڪ وڏي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جن ماڻهن جون ڄنگهون مضبوط هونديون آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 14 سيڪڙو گهٽ هوندو آهي، اهو فائدو عمر، وزن يا مجموعي صحت کان هٽي ڪري سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي.
سبب ڇا آهي؟
اسان جون ڄنگهون رڳو جسم جو سهارو نه پر سڄي جسم جو بنياد آهن، اهي اسان جي دل جي ڌڙڪن، رت جي رواني، توازن، حرڪت سڀ ڪجهه متاثر ڪنديون آهن، جڏهن ڄنگهون ڪمزور ٿينديون آهن ته جسم جي توانائي، برداشت ۽ صحت، سڀ ڪجهه هيٺ اچڻ لڳندو آهي.
تنهن ڪري جيڪڏهن توهان واقعي پنهنجي صحت کي بهتر رکڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي ڄنگهن کي مضبوط بڻايو.
پنڌ ڪرڻ روز مرهه جي زندگي جو حصو بڻايو، ڏاڪڻيون چڙهو ۽ ٻيون به اهڙيون سرگرميون ڪيو، جيئن سائيڪل هلائڻ، راند کيڏڻ وغيرا وغيرا.
جيڪڏهن موقعو ملي ته روز ڪجهه منٽن جي لاءِ اُٿ ويهه (اسڪواٽس) ڪيو، اها ورزش نه رڳو ڄنگهن کي مضبوط بڻائيندي آهي پر رت جي رواني کي بهتر ڪندي آهي، جسم جو توازن برقرار رکندي آهي ۽ مجموعي صحت کي طاقت ڏيندي آهي.
ياد رکو، توهان جون ڄنگهون جيتريون وڌيڪ مضبوط هونديون، ايترا ئي وڌيڪ صحتمند، پرجوش ۽ فعال رهندئو.
پنهنجي ڄنگهن کي مضبوط بڻايو، ڇو ته هر قدم رڳو زمين تي ناهي پوندو پر توانائي سان ڀرپور زندگي ڏانهن وڌندو آهي.
You might also like