تحريڪ انصاف مستعفي ججن کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي!

صوابي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان استعيفيٰ ڏيندڙ جج اڳتي اچي اسان جي تحريڪ کي ليڊ ڪن، سڄي قوم انهن جو ساٿ ڏيندي.
صوابي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد قيصر چيو ته سپريم ڪورٽ جي جن ججن قرباني ڏئي استعيفيٰ ڏني آهي، اها قوم جي هيرو آهن، اميد ته اهي اڳتي اچي تحريڪ کي ليڊ ڪندا، سڄي قوم انهن سان گڏ هوندي، اسان ججن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، انهن مراعتون ڇڏي انصاف جو ساٿ ڏنو.
هن چيو ته 21 نومبر تي ظلم، لاقانونيت ۽ غير آئيني قانون سازي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائينداسين، تمام جلد حڪومت خلاف قومي ڪانفرنس به گهرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ سڀني سياسي پارٽين کانسواءِ وڪيل تنظيمن ۽ ميڊيا کي به گهرائينداسين، اسان سمجهون ٿا ته اهي سياسي قوتون جيڪي جمهوري تي يقين رکن ٿيون، انهن سڀني کي حڪومت خلاف نڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ترميمون عوام جي مفاد ۾ ناهن، حڪمران رڳو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ اهڙي قسم جون ترميمون آڻي رهيا آهن، پ پ ملڪ کي 73ع جو آئين ڏنو، اڄ پاڻ ئي ان جو خاتمو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.