انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ تي اميتاڀ بچن جو ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ جي خبرن تي بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاڀ بچن جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
ليجنڊري اداڪار ايڪس (ٽوئيٽر) تي ننڍي پوسٽ لکي جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندس رجحان ڪهڙي پاسي آهي.

اميتاڀ بچن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”ڀارت ماتا جي جئي“ لکيو ۽ پوسٽ ۾ جهنڊي جي ايموجي وڌي.
پوسٽ سامهون ايندي ئي اداڪار جي مداحن جو رش لڳي وئي ۽ هيل تائين لکين ماڻهن ان کي ڏٺو آهي جڏهن ته هزارين ان کي پسند ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.