درسگاهون اخلاقيات تي داغ بڻجي ويون، اسڪينڊلز جو انتظار ڇو ڪيو ويندو آهي؟

استاد وڏا محترم هوندا آهن، ڇو ته والدين کانپوءِ ٻارن جي تربيت انهن جي هٿان به ٿيندي آهي، اسڪول نه رڳو تعليم حاصل ڪرڻ پر اخلاقيات جي سکيا جو به مرڪز هوندو آهي پر بدقسمتيءَ سان درسگاهون اخلاقيات تي هڪ وڏو داغ بڻجي ويون آهن.

درسگاهن ۾ فحش پارٽين کان ويندي وڏي پئماني تي منشيات واهپي جا اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد گلشن حديد جي اسڪول ۾ ڪيترن ئي ٽيچرز سان غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ واري وڊيو اسڪينڊل تعليم پرائيندڙ شاگردن، پنهنجي ٻارن کي پڙهائيندڙ والدين، پنهنجين نياڻين کي ٽيچر طور اسڪول موڪليندڙ والدين سميت هر عام ماڻهو کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.