بدين: ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ ڌرڻو

ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ بدين جي مختلف سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.
مختلف سياسي پارٽين، سول سوسائٽي شهرين ۽ واپارين مغوين جي بازيابي لاءِ ايوان صحافت اڳيان پروفيسر عبدالله ملاح، عزيز الله ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو.
موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾  ڌاڙيل ڪلچر وڌڻ سبب سنڌ واسي سخت پريشان آهن، ڪچي جي  ڌاڙيلن هٿان روزانو ماڻهو ۽ معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن پر سنڌ پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪري پريا ڪماري سميت سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.