ايشياڪپ: بنگلاديش خلاف پاڪستان ٽيم جو اعلان، پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش خلاف ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي جي پهرين ميچ سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان بنگلاديش خلاف سڀاڻي ٿيندڙ ميچ لاءِ يارنهن رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آل رائونڊر فهيم اسڙف اسپنر محمد نواز جي جاءِ والاري ورتي آهي.

قومي ٽيم ۾ اوپنر امام الحق، فخر زمان، بابر اعظم ڪپتان، افتخار احمد، محمد رضوان، سلمان علي آغا، شاداب خان، فهيم اشرف، حارث رئوف، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.