10 سالن جي آمنه جو وڏو ڪارنامو، سڀني کي حيران ڪري ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 10 ورهين جي آمنه عامر شهزاد ڪراچي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ ٽيچر آهي جنهن ننڍي عمر ۾ وڏا وڏا ڪارناما ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
آمنه عامر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هوءَ سوفٽ ويئر انجينيئر بڻجي رهي آهي، هو هڪ فرنٽنڊ ڊويلپر هجڻ سان گڌوگڏ گرافڪ ڊزائنر به آهي.
10 ورهين جي آمنه هن وقت 6 ڪلاس جي شاگردياڻي آهي جنهن کي ايڇ ٽي ايم ايل، جاوا سميت 6 مختلف ڪمپيوٽر لينگوجز تي سرسي حاصل آهي.
هن ٻڌايو ته هن سيلاني ۾ هڪ سمر ڪيمپ ۾ ايم ايس آفيس، ايڊوب السٽريٽر، ايڊوب فوٽو شاپ ۽ ڪينوا بابت سکيو ۽ جڏهن هن امتحان ڏنا ته سڄي ڪراچي ۾ سندس ٽين پوزيشن آئي.
سندس چوڻ هو ته مون کي ويب اينڊ ايپ ڊويلپمينٽ ۾ نه کڻي رهيا هئا ڇو جو منهنجي عمر ننڍي آهي پر سندس استاد هن جي ٽيسٽ ورتي جنهن کي آمنه گھٽ وقت ۾ گھڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، اهو ڏسي سندس ٽيچر هن مان متاثر ٿي ۽ آمنه جو انٽرويو معقد ٿيو جنهن کي هن پاس ڪري ورتو.
هن اهو به ٻڌايو ته هو اڄ ڪالهه پنهنجي ٽيچر کي اسسٽ ڪري رهي آهي ۽ هڪ بيچ کي اسسٽنٽ ٽيچر طور پڙهائي رهي آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ هوءَ ٽريننگ به وٺي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.