کنڊ جي اگهه ۾ تيزيءَ سان واڌ جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 5 رپيا وڌڻ کانپوءِ 225 رپيا ٿي وئي آهي.
مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 230 رپيا في ڪلو به ملي رهي آهي ۽ گذريل 5 ڏينهن دوران کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 45 رپين تائين واڌ ٿي آهي.
ٻئي پاسي پشاور ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 181 رپيا في ڪلو ۽ عام دڪانن تي 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
هوڏانهن ڪراچي ۾ هول سيلز بازار ۾ في ڪلو کنڊ هڪ رپيو گهٽجڻ کانپوءِ 174 رپين جي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ريٽيل سطح تي کنڊ 185 رپين کان 200 رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.