2023 جو آگسٽ گذريل 63 سالن ۾ ملڪ جو ٻيو خشڪ ترين مهينو رهيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال آگسٽ جو مهينو 63 سالن ۾ پاڪستان جو ٻيو خشڪ ترين مهينو رهيو.
موسميات کاتي آگسٽ جو موسمياتي جائزو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ملڪ ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ معمول کان 66 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال بلوچستان ۾ آگسٽ جو مهينو خشڪ ترين رهيو، جڏهن ته خيبر پختونخواهه، پنجاب ۾ آگسٽ ٻيو خشڪ ترين مهينو رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب آگسٽ ۾ ملڪ جو سراسري گرمي پد معمول کان 0.19 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو ۽ آگسٽ ۾ ملڪ جو سراسري گرمي پد 30.44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.