نيب ترميمن خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ، جلد ٻڌائينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان جي نيب ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن.
چيف جسٽس درخواستگذار جي وڪيل خواجا حارث ۽ وفاق جي وڪيل مخدوم علي خان جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته نيب ترميمن جي ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائينداسين ۽ فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ جو اعلان پوءِ ڪنداسين، مدد ڪرڻ تي سڀني ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا.
هن چيو ته منهنجي رٽائرمينٽ ويجهو آهي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.