ترڪيه ۾ ٽٽل ستاري جو خوبصورت نظارو

ترڪيه (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي آسمان تي شهاب ثاقب جو خوبصورت منظر ڏٺو ويو جنهن سان آسمان تي سائي روشني پکڙجي وئي.
شهاب ثاقب جو نظارو هونئن ته گھٽ ئي ڪيو ويندو آهي پر اهو ڪنهن جادوئي منظر کان گھٽ ناهي جنهن کي هر ڪو پنهنجي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪرڻ چاهيندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو ئي نظارو ترڪيه جي آسمان تي به ڪيو ويو جتي شهاب ثاقب آسمان تي سائي روشني وکيري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽس موجب اهو نظارو ٻه ڏينهن اڳ ترڪيه جي اوڀر شهر ارض روم ۽ گوموش خانه صوبي ۾ ڪيو ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به گھڻي وائرل ٿي رهي آهي.

شهاب ثاقب ڇا آهي؟
آمريڪي خلائي جاچ اداري ناسا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته شهاب ثاقب خلا ۾ موجود پٿر آهي، جڏهن اهو زمين جي ماحول ۾ تيز سان داخل ٿيندو آهي ته اهو چمڪندو آهي ۽ پنهنجي پٺيان روشني ڇڏيندو اڳتي وڌندو آهي.
ناسا موجب اهو انوکو فلڪياتي نظام آهي ۽ عام ٻولي ۾ ماڻهو ان کي ٽٽل ستارو به چوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.