لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي وفد جي اعزاز ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ آجياڻي ڏنو ويو آهي.
آجياڻي ۾ گورنر پنجاب بليغ الرحمان، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف، پاڪستان، افغانستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي رانديگرن به شرڪت ڪئي.
گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيل تقريب ۾ بي سي سي آءِ جي صدر روجر بني، نائب صدر راجيو شڪلا، ڊائريڪٽر بي سي سي آءِ يوڌير سنگهه ۽ نائب صدر جي سيڪريٽري محمد اڪرم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.</p
BCCI Vice-President Rajeev Shukla’s speech at the PCB grand gala dinner at Governor’s House, Lahore.#AsiaCup2023 pic.twitter.com/OdOmI4Ddcl
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) September 4, 2023
>
ان موقعي تي راجيو شڪلا چيو ته هو ڪيئي ڀيرا لاهور آيو آهي، هتان جي مهمان نوازي، ماڻهن جو پيار اوهان کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي، ڪرڪيٽ ماڻهن کي ويجهو آڻيندي آهي، رانديگرن جهڙا لاڳاپا قومن جي وچ ۾ به هئڻ گهرجن.
BCCI President Roger Binny’s speech at the PCB Gala Dinner at the Governor’s House in Lahore.#AsiaCup2023 pic.twitter.com/Zl2tq5MHxW
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) September 4, 2023
ٻئي پاسي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف گورنر هائوس ۾ ٿيل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ محبت جي راند آهي، ڪرڪيٽ محبت جو پيغام پکيڙيندي آهي، اوهان ڏٺو ته ڪينڊي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارتي رانديگرن ڀائرن وانگر مليا.
تقريب ۾ پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ امام الحق جي راجيو شڪلا سان خوشگوار انداز ۾ ملاقات ٿي.