حڪومت ۽ فوج گڏجي معاشي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن: وزيرِ اعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بجلي واري معاملي تي آءِ پي پيز سان غير منصفاڻي بجلي معاهدن تي ڳالهه ٻول جاري آهي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت بجلي بلن جي معاملي تي مالياتي ادارن سان واعدن تي عمل ڪندي.

هن چيو ته آءِ پي پيز سان غير منصفاڻي بجلي معاهدن تي ڳالهه ٻول جاري آهي ۽ ڪجهه رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، جنهن جا تفصيل فلحال نٿو ٻڌائي سگهان.

سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل فيصلا ڪندي، گردشي قرض، بجلي چوري ۽ لائن لاسز وڏا چئلينجز آهن، حڪومت احتجاج ڪندڙن جا جذبا مجروح ڪرڻ کانسواءِ مسئلا حل ڪندي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت ۽ فوج گڏجي معاشي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت جا فوج سان بهتر لاڳاپا آهن.

هن چيو ته سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، ڪوئلي جي کاڻن جي کوٽائي ۽ معدنيات جهڙا شعبا اهم ترجيح آهن، ملڪ ۾ اسٽرڪچرل سڌارن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ايف بي آر ۽ توانائي جي شعبن ۾ سڌارن جي به ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته آئين تحت آدمشماري بعد چونڊ تڪبنديون ضروري آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن تڪبندين جو عمل مناسب وقت ۾ مڪمل ڪندي، عام چونڊن لاءِ ڪنهن به قسم جو ٽائيم فريم ڏيڻ ممڪن ناهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف به ٻين پارٽين وانگر عام چونڊن ۾ حصو وٺندي.

هن چيو ته سندن اولهه سرحد کان ملڪ اندر حملا ٿي رهيا آهن، افغانستان ۾ آمريڪا ۽ اتحادين جا ڇڏيل جديد هٿيار وڏو چئليج آهي، ڇڏيل هٿيار علاقائي سڪيورٽي صورتحال تي اثر ڇڏي رهيا آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو پنهنجي آبادي جي تحفظ لاءِ سمورا مناسب قدم کڻي رهيا آهن، طالبان عبوري دور مان گذري رهيا آهن کين وقت ڏيڻ گهرجي، عالمي برادري کي کين هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت ۾ ڏسڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته سمورن شعبن لاءِ بجيٽ رکڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، پنهنجي حد ۾ رهندي معاشي ۽ معاملي معاملا هلائي رهيا آهيون، آئيني طور حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نٿا آڻي سگهون رڳو مختصر مدي لاءِ سڌارا آڻي سگهون ٿا جنهن جي مستقبل بابت فيصلو ايندڙ حڪومت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.