انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ جو فيصلو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي حڪومت آئين ۾ انڊيا جو نالو تبديل ڪري ”ڀارت“ رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب مودي سرڪار آئين ۾ انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جي ايندر سيشن ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ جو اهو سيشن 18 سيپٽمبر تي شروع ٿيندو جيڪو 22 سيپٽمبر تائين جاري رهندو جنهن ۾ ڀارتي آئين ۾ انڊيا جو مطلب ڀارت ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ ان جو نالو ”اري پبلڪ آف ڀارت“ رکيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا موجب انڊيا جو نالو ڀارت رکڻ جو مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي جنهن لاءِ مرڪزي حڪومت پارليامينٽ ۾ هڪ ٺهراءُ آڻي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.