ورلڊ ڪپ ۾ ٽيهه ڏينهن باقي، پر ٽرافي اڳ ئي پاڪستان ۾!

لاهور (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي ورلڊ ڪپ ٽرافي جي لاهور ٽور جي شروعات ٿي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) موجب، عالمي ڪپ ٽرافي کي ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان آندو ويو آهي، ورلڊ ڪپ ٽرافي جو لاهور ٽور يادگار هوندو.

پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ٽرافي کي تاريخي ماڳن نمائش ڪئي ويندي جتي ڪرڪيٽ مداحن کي ورلڊ ڪپ ٽرافي ڏسڻ جو موقعو ملندو.

ميڊيا لاءِ ٽرافي سڀاڻي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رکي ويندي.

ياد رهي ته عالمي ڪپ جي ٽرافي جون ۾ ڀارت کان ورلڊ ٽور جو آغاز ڪيو هو.

ياد رهي ته هلندڙ سال ون ڊي ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر تي ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندو.

ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو پاڪ-ڀارت مقابلو 14 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم م شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.