ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ موبائل کسڻ جي وڌندڙ وارداتن تي سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز انوکو منطق پيش ڪري ڇڏيو.
نگران گهرو وزير شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي موبائل فون کيسي ۾ رکن ته جيئن ڪو به نقصان نه ٿئي.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته غلط ڪم ڪندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي، اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ گڏيل طور قدم کڻي رهيا آهيون، معاشري مان منشيات جو به خاتمو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته گلشن حديد واقعي جي جاچ ڪرائينداسين، ڪو سياسي دٻاءُ قبول نه ڪنداسين ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like