ايپل طرفان آءِ فون 15 سيريز کي اڱاري ڏينهن 12 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو ويندو.
هن سال آءِ فون 15 سيريز ۾ 4 نوان ماڊلز متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
اها سيريز آءِ فون 15، 15 پلس، 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس تي ٻڌل هوندي.چ
چارئي پرو ماڊلز فيچرز جي حوالي سان وڌيڪ بهتر فونز هوندا.
آءِ فون 15 پرو ماڊلز ۾ 10 نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جي امڪان آهي.
1-مختلف ليڪس موجب هن سال جي پرو ماڊلز لاءِ Titanium فريم جو استعمال ڪيو ويندو جنهن سبب ان جو وزن گذريل سال جي پرو ماڊل جي ڀيٽ ۾ گھٽ هوندو.
2-اهڙي طرح آءِ فون 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس ۾ نئين اي 17 بائيونڪ چپ موجود هوندي جنهن جي ڪري اها وڌيڪ طاقتور ۽ تيز ٿي ويندي.
3-اپيل طرفان هن سال پرو ماڊلز لاءِ سائلينٽ سوئچ جي جاءِ ايڪشن بٽڻ کي ڏني ويندي جيڪو مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهبو ٿو.
4-هن سال جي آءِ فونز جي هڪ خاص ڳالهه چارجنگ لاءِ يو ايس بي سي پورٽ کي متعارف ڪرائڻو پوندو جنهن سان ڊيٽا ٽرانسفر اسپيڊ به وڌي ويندي.
5-هن سال پرو ماڊلز لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 4 نون رنگن جو آپشن فراهم ڪيو ويندو.
6-آءِ فون 15 پرو ميڪس جي فرنٽ ڊسپلي ۾ ڪنڊن جي پٽي يا بيزل هن وقت موجود فونز جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھٽ هونديون.
آءِ فون 15 پرو ميڪس ۾ بيزل رڳو 0.06 انچ هوندو.
7-آءِ فون 15 پرو ماڊلز لاءِ 8 جي بي ريم ڏني ويندي يعني گذريل سال جي ماڊلز کان 2 جي بي ريم وڌيڪ.
8-انهن نون فونز لاءِ واءِ فاءِ 6 اي سپورٽ ڏني ويندي جنهن سانوائرليس انٽرنيٽ اسپيڊ تيز ٿي ويندي.
9-آءِ فون 15 پروميڪس جي ڪيمرا سيٽ اپ ۾ پيري اسڪوپ ٽيلي فوٽو ڪيمرا به موجود هوندي جنهن سان 5 کان 6 ايڪس آپٽيڪل زوم ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.
10-مختلف ليڪس موجب آءِ فون 15 پرو ماڊلز کي وڌيڪ سولائي سان رپيئر ڪرڻ ممڪن هوندو.
اڃا اهو واضح ناهي ته قيمت ۾ ڪيترو اضافو ڪري سگھجي ٿو، پر مختلف ليڪس موجب آءِ فون 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس جي قيمت ۾ گھٽ ۾ گھٽ 100 کان 200 ڊالرز جو اضافو ٿي سگھي ٿو.
You might also like