اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت ڊي سي اسلام آباد سميت ڌرين کي اڱاري تي طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب گهري ورتو چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او آرڊر تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ  پهرين سيپٽمبر تي چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو، اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کي فرسٽريٽ ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو.

وڪيل چيو ته پرويز الاهي چئن مهينن کان ڪو بيان به ناهي ڏنو ۽ اسلام آباد ۾ پرويز الاهي خلاف ڪو ڪيس داخل ناهي، اينٽي ڪرپشن جي ڪيس مان ڊسچارج ٿي چڪو آهي، نيب جي ڪيس ۾ به لاهور هاءِ ڪورٽ گرفتاري غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي.

وڪيل چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي لاهور پوليس کان کسي اسلام آباد آندو ويو، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن پرويز الاهي کي کڻي گاڏي ۾ وڌو، لاهور هائيڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڏني ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪو بيان نه ڏيندو، عدالت رمارڪس ڏنا ته درخواست گذار جي وڪيل موجب پرويز الاهي خلاف اسلام آباد ۾ ڪا به ايف آءِ آر داخل نه آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ اوهان هنگامو، احتجاج يا جلسو ڪيو؟ وڪيل ٻڌايو ته ڪو به احتجاج يا جلسو ناهي ڪيو ويو نه ئي هنگامو ڪيو، شهريار آفريدي خلاف اهڙي قسم جو آرڊر پاس ڪرڻ تي ڊي سي اسلام آباد توهيِن عدالت جي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

بعد ۾ عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي اڱاري ڏينهن طلب ڪندي پرويز الاهي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.

عدالت جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن به قسم جو ڪو بيان نه ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.