اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 1 ايڊيشنل آءِ جي، 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز ۽ ايس پيز جون بدليون ڪيون ويون آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، خادم رند کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيل برانچ مان بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسد رضا ڊي آءِ جي سائوٿ زون ڪراچي، عاصم خان ڊي آءِ جي ويسٽ زون ڪراچي ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر کي ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.
عبدالحميد کوسو ڊي آءِ جي سکر، جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، طارق رزاق ڊي آءِ جي حيدرآباد، پرويز چانڊيو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ تنوير عالم اوڍو کي ڊي آءِ جي ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ امجد شيخ کي ايس ايس پي حيدرآباد، ابريز علي عباسي ايس پي ٽنڊوالهيار، سليم شاهه ايس پي ٽنڊو محمد خان، نور الحق رند ايس پي مٽياري، طارق نواز ايس پي ڄامشورو، شبير سيٺر ايس پي دادو، حيدر رضا کين ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.
طارق الاهي مستوئي ايس ايس پي ملير، حسن سردار ايس ايس پي ڪورنگي، فيصل عبدالله چاچڙ ايس ايس پي سينٽرل ڪراچي، عرفان علي بهادر ايس ايس پي ايسٽ زون ڪراچي، عمران قريشي ايس ايس پي ڏکڻ ضلعو ڪراچي، محمد عارف اسلم ايس ايس پي ڪياماڙي ۽ ظهور علي جي ايس ايس پي ويسٽ زون ڪراچي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.