چنڊ جي ڏکئي پاسي ڪامياب لينڊنگ ڪرڻ کانپوءِ ھندستان سج تي وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي.انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) ڪاميابيءَ سان چنڊ جي ڏکڻ قطب لٿو ھو، ان دوران ھندستاني وزيراعظم نريندر مودي اديتھ ايل ون جو ذڪر ڪيو.جنھن موجب “ اسرو“ جلد ئي سج جي تفصيلي مطالعي لاءِ آديتيھ ايل-1 نالي هڪ مشن شروع ڪرڻ وارو آهي.سائنسدان ،ايس سومناٿ پڻ چيو ته ايندڙ مشن ‘آدتيه ايل ون’ آهي جيڪو ‘سري هري ڪوٽا’ ۾ تيار ڪيو پيو وڃي. هندستان مشن موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اهو دنيا جو چوٿون ملڪ بڻجي ويندو. جيڪو سج جي مطالعي لاءِ سيٽلائيٽ موڪليندو.
ان کان اڳ آمريڪا، روس ۽ يورپي اسپيس ايجنسي ان قسم جي تحقيق لاءِ پنهنجا مشن موڪلي چڪا آهن.شمسي تحقيق ڇو ضروري آهي؟ گھڻا ماڻھو ڄاڻن ٿا ته اسان جي ڪائنات بيشمار تارن تي ٻڌل آهي ۽ سائنسدان ڪائنات جا لڪيل راز ڄاڻڻ چاهين ٿا، ۽ ان جي مستقبل بابت تحقيق به ڪن پيا.ان تي عمل ڪندي، اهي سائنسدان سج جي مطالعي کي ضروري سمجهن ٿا.سج مان نڪرندڙ توانائي ۽ حرارت کي سمجهڻ ۽ دنيا کي سمجهائڻ لاءِ هڪ ڳالهه واضح آهي ته ان جو مطالعو زمين تي ويهي نٿو ڪري سگهجي. سڄي دنيا ۾ خلائي تحقيقاتي تنظيمون سج جي ويجهو پھچڻ چاهي ٿيون.
هندستان پڻ چاهي ٿو ته سج جي ويجهو وڃي.اديتھ ايل ون کي سج جي ويجھو وڃڻ لاءِ ڌرتيءَ کان اٽڪل 15 لک ڪلوميٽرن جي مفاصلي’تي ”لاگرينج ون “ پوائنٽ تي پهچڻو آهي.جتان سج جو مشاهدو ڪيو ويندو. ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ ۾ ڪل پنج Lagrange نقطا آهن، جتي ڪشش ثقل مرڪزي قوت جي برابر ٿئي ٿي. تنهن ڪري گهٽ ٻارڻ ۾ اڪو به خلائي جهاز ان جڳهه تي رڪجي، مطالعو ڪري سگهي ٿو.ھي اھو پوائنٽ آھي جتان سج گرهڻ يا ڪنهن به رڪاوٽ جي بنا سج کي ڏسي سگهجي ٿو.
اديتھ ون سج جي فوٽو اسپير (سج جو اهو حصو جنهن کي اسين ڏسي سگهون ٿا) ٻاهرئين ماحول جو ڪروموسفيئر (سج جي نظر ايندڙ سطح فوٽو اسپيئر کان مٿي آهي) ۽ ڪورونا (ٻاهرين پرت سج کان ڪجهه هزار ڪلوميٽر مٿي آهي. ) جو مقناطيسي ميدان هوندو اهو فيلڊ، ٽوپولوجي ۽ شمسي ھوا جو مطالعو ڪندو.
ان لاءِ پولر سيٽلائيٽ لانچ گاڏي (PSLV) جي مدد سان آدتيه ايل ون گاڏي سان ست پي لوڊ موڪليا ويندا. انهن مان چار پيل لوڊ سج جي مسلسل نگراني ڪندا ۽ باقي ٽي پيل لوڊز ڪاگرينج تي ذرڙن ۽ ٻين شعبن جي تحقيق ڪندا. (پي لوڊ: خلا ۾ مطالعي لاءِ ورتل اوزارن کي چئبو آھي) ”سج جي مقناطيسي ميدان ۾ تبديل ٿيندي رهي ٿي، جيڪا مقناطيسي توانائي جي وڏي مقدار کي متاثر ڪري ٿي. هي ذرڙا پيدا ڪري ٿو ۽ جيڪا روشني ان مان خارج ٿئي ٿي ان کي سولر فليئرز چئبو آهي.
ڊاڪٽر مشرا ٻڌائي ٿو ته ’سج جي اندران جيڪا گرمي نڪرندي آهي، سا گرم هوائن کي هلائيندي آهي، ان کي سولر ونڊ چئبو آهي. اهو ذرڙن تي مشتمل آهي. اليڪٽران. پروٽان. اهي پري پري تائين پکڙيل آهن. اهي شمسي هوائون شمسي نظام کان ٻاهر پکڙجن ٿيون.
اديتا ايل ون کي ڪهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو؟ اسرو، موجب سج جي روشني ڪيترن ئي قسمن جي لهرن ۽ مقناطيسي شعبن سان گڏ هوندي آهي پر زمين جي ٻاهرئين پرت جي ڪري ڪيتريون ئي لهرون زمين تائين نه پهچنديون آهن.
يورپي اسپيس ايجنسي يقين ڏياريو آهي ته اها هندستان جي آديتيا L-1 مشن سان رابطي ۽ نگراني ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. يورپي اسپيس ايجنسي (ESA) جي مطابق، ‘آدتيه ايل-ون کي يورپ جي ڪيترن ئي هنڌن تي واقع ESA جي 35 ميٽر اونهي اينٽينن مان گرائونڊ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.“
ڪيترين ئي ملڪن سج جو اڀياس ڪيو آهي؟خلائي تجزيه نگار ڊاڪٽر اجي ليلي وضاحت ڪري ٿو، ”خلا ۾ سفر ڪرڻ لاءِ تمام طاقتور اينٽينن جي ضرورت آهي ۽ سگنل وصول ڪرڻ لاءِ نه رڳو اينٽينا، پر زمين جو جاگرافيائي رخ به اهم آهي.هينئر تائين صرف ناسا، يورپي اسپيس ايجنسي ۽ جرمن ايرو اسپيس سينٽر سج جي مطالعي لاءِ خلائي مشن موڪليا آهن.ڊاڪٽر مشرا جو چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي خلائي ايجنسيون سج جي لڪيل رازن تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.هبل خلائي دوربين، ناسا ۽ يورپي اسپيس ايجنسي جو گڏيل مشن، پڻ تمام گهڻو ڊيٽا گڏ ڪيو آهي. ان کان علاوه، ناسا سولر پارڪر نالي هڪ مشن موڪليو آهي، جيڪو سج جي ٻاهرئين سطح جي اونهائي ۾ ويندو ۽ ان جي سرگرمين جو مطالعو ڪندو.
ڊاڪٽر اجي ليلي جو چوڻ آهي ته ”هر مشن ٻئي مشن کان 100 سيڪڙو مختلف نه ٿو ٿي سگهي. پر وقت گذرڻ سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ 10 سال اڳ مشن موڪليو ته ان وقت جي ٽيڪنالاجي ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجي ۾ وڏو فرق آهي.”منهنجو خيال آهي ته هر مشن اڳئين مشن کان بهتر آهي“ ڊاڪٽر مشرا جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن ڀارت ٻين ملڪن جي مشن تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي مشن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪم ڪري ته بهتر ٿيندو.هر ناڪامي به هڪ نئون تجربو آڻيندي آهي.