ڪنڌڪوٽ/ڪشمور( رپورٽ ممتازسنڌي+دليپ ڪيسواڻي) ڪنڌڪوٽ جو عوام ظلم، بدامني، بدمعاشي خلاف جاڳي پيو مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ سميت مغوين جي بازيابي لاءِ چوٿين ڏينهن به مڪمل شٽربند ھڙتال ،ڌرڻو جاري ڊيرا موڙ تي لڳل ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر زين شاهه جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جسقم مرڪزي قيادت مومن سمون، ديدار شام ،اشرف ڪلھوڙو سميت هزارين ماڻهن سان گڏ ڪشمور ڌرڻي ۾ پهچي ويو ۽ سندن چوڻ هو ته اسين سنڌ جي اصل وارثن هندوبرادري سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون هو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو،جڏهن ته ڪنڌڪوٽ شھر جو سمورو ڪاروبار بند رھيو ميڊيڪل مارڪيٽ، شاھي بازار، صرافا بازار، مين بازار، مھربان بازار گھنٽا گھر چوڪ، شڪارپور روڊ، اناج منڊي سميت بازارون بند شھر ويران رھيو شھر بند ھجڻ ڪري غريب مسڪين ۽ ڳوٺاڻي عوام کي خريداري لاءِ سخت پريشاني مان گذرڻو پيو شھر جو ڪو به ميڊيڪل اسٽور نه کليو ڏوھارين جي ظلم خلاف سوين شھرين گھنٽا گھر چوڪ تي ڊاڪٽر ميھرچند سردارتيغوخان تيغاڻي حاجي حضوربخش مغل گھنشام داس، ھريش ڪمار، انجنيئر موٽواڻي، صوفي ڊاڪٽر سريش ڪمار، ڊاڪٽر ٻالچند عرف ٻالو، سنتوش اگروال، فقير گوڪل داس، رميش ڪمار، غلام مصطفيٰ ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي، سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي، ڪيمپ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آخر عوام جو ڪھڙو ڏوهه آهي جو ھڪ سازش تحت ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي طاقتورن کي ڏوھاري ڪجهه نه ٿا ڪن باقي شريف، ڪاروباري، مزدور مسڪين ۽ ھندو برادري نشاني تي آهي ٽي مھينا ٿي ويا مکي جڳديش ڪمار ۽ جئديپ ڪمار کي پر رياست جيڪا ماءُ به آهي پر انھي ماءُ تي ڪو اثر نه پيو سري عام ھٿياربند روڊ تان علي مراد ۽ مشتاق محمداڻي کي اغوا ڪري ويا ، ڏوھارين جا سرپرست سردار، وڏيرا آهن جيڪي نه ٿا چاھين ته امن قائم ٿئي امن ٿيندو ته وڏيري ۽ سياسي ڀوتارن جي بنگلن تي ڪير ويندو؟ هنن چيو ته اسان جو ھڪ ھي مطالبو آهي ته ڏوھارين جي خلاف ۽ سرپرست ۽ سھولتڪارن جي خلاف فوجي آپريشن ڪري ڪنڌڪوٽ جو تباهه ٿيل امن بحال ڪرايو وڃي، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور سميت پوري سنڌ ۾ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ شھرين کي اغوا براء تاوان وارو ڪاروبار عروج تي آهي ڪچي ۽ پڪي جي سڀني ڏوهارين خلاف فوجي آپريشن ڪرائي شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ھنن اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعو پوري سنڌ ۾ نوگو ايريا بڻجي ويو آهي سنڌ جو شعور ڪشمور ڌرڻي جي صورت ۾ جاڳي پيو آهي امن امان جي صورتحال قائم ڪرائڻ سميت پنھجا حق وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري طرفان روڊ کولي ٽريفڪ بحال ڪرڻ واري درخواست کي ھندو پنچائت ۽ سياسي سماجي اڳواڻن رد ڪندي مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو گذريل ٽن ڏينهن کان لڳل ڌرڻي ۾ ڪنڌڪوٽ غوثپور بخشاپور بڊاڻي جي ھندو پنچائت اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڌرڻي دوران ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن،ڌرڻي ۾ شريڪ شھرين جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس طرفان ٻن مغوين ساگر ڪمار ۽ منير نائچ جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت کي چيو ويو پر مغوين جو تعداد 7 ھجڻ ڪري پوليس طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ پھرين ڌرڻو ختم ڪرڻ جي شرط رکي وئي ته جيئن ڌرڻو وڌيڪ نه ھلي سگهي جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سجاڳ ٿي چڪي پنهنجي حقن لاء روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي وانگي نگران حڪومت وٽ به سنڌين لاءِ انصاف ناهي، مومن سمون خطاب ڪندي چيو ته مغوي ٿيل وارثن جي جدوجهد کي سلام آهي، ڌرڻي کي اشرف ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيو ته ڌاڙيل راڄ جو سبب پوليس ۽ سرڪار آهي.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) پوري سنڌ ۾ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي هندو برادري سان ايڪتا، مظاهرا ڪيا ويا، پوج هندو پنچائت سکر پاران اقليتي برادري جي وڏي انگ پاران هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب سامهون سنڌ جي مختلف شهرن مان اغوا ٿيل هندو برادري جي ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سجاول ۾ پڻ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ ھندو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ھوت چند ايس ٽي جي اڳواڻ گل حسن رند صوفي سنگت جي اڳواڻ سلطان کوسو، صحافي حافظ سعد الله ميمڻ، صحافي شبير سمون ، ڏاڏا سنڌي پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڊو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جڏهن ته شڪارپور جي سول سوسائٽي،قومپرستن شھرين ۽ قلم ڌڻين پاران جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين پر امن احتجاجي ريلي ڪڍي وڏيرا شاھي ڪرپٽ آفيسرن خلاف نعري بازي ڪئي وئي . ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ھمير چانڊيو،نادر بلوچ،اسلام الدين لھر،غلام علي،سعيد سومرو،عمران منگي،ڪامريڊ اسد سومرو،جاويد راھوجو،احسان جيھو،حسام الدين ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي پھچي وئي آھي،خاص ڪري ڪشمور ڪنڌڪوٽ،شڪارپور،گھوٽڪي ضلعن ۾ انڌيرنگري لڳي پئي آھي ٺٽي ۾ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ۽ اغوا انڊسٽري جي خاتمي لاءِ ھندو پنچائت ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي سوين شھري روڊن تي نڪري آيا، قومي شاھراھ تي ڌرڻو، ٺٽو، حيدرآباد، ڪراچي روڊ بلاڪ، ٽرئفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاجي ڌرڻي کي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، دريانو مل، جسقم ضلعي آرگنائزر بابو جان خشڪ، جست جي ضلعي صدر راول ڪرناڻي، ھندو پنچائت جي سامن داس، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ، جسم جي ضلعي صدر امجد شورو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، انساني حقن جي اڳواڻ نظير جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري اغوا انڊسٽري قائم ڪئي وئي آھي، هوڏانهن هندو پوچ پنچائت سڪرنڊ ۽ ٻين سول سوسائٽي عورتن سان گڏ اسٽيشن روڊ سڪرنڊ کان ميڊيا سينٽر چوڪ تائين سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي سڪرنڊ جي مکي ڪشن داس ، ڊاڪٽر پريم چند ، گوبند پپو سونارو شاعر مصور چوهاڻ ، اديب محمد صديق منگيو ، جماعت اسلامي اڳواڻ راشد مڪرم ، آبادگار اڳواڻ رضا چانڊيو ، شمشاد ملاح ،ايس ٽي پي اڳواڻ گل انقلابي ، عبدالقادر جيلاني ، جسم اڳواڻ منور عمراڻي ، مشتاق لغاري ، پي ٽي آئي اڳواڻ نثار پرهياڙ ، راجيش ڪمار ، ايس يو پي اڳواڻ قاسم سومرو ، شوڪت ميمڻ ، تعليمي ماهر عبدالحميد آرائين ، استاد عبدالصمد گبول ، سنڌ سجاڳ فورم جي مجيد عباسي ، سماجي اڳواڻ علي شير ڪيريو ، ڪرم الله انڙ ، اشتياق آرائين ، عورت اڳواڻ ايڊووڪيٽ فهميده ڪيريو ۽ ٻين احتجاج خطاب ڪيو، وارھ ۾ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ڪيو ويو، مظاھري جي اڳواڻي ،نياز حيدري،عارف تنيو،خادم تنيو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا، ڀان سيدآباد ۾ ڪشمور جي هندو برادري جي اغوا واقعي خلاف هندو پنچائت ڀان سيدآباد جي صدر مکي ڀوڄو مل، هريش ڪمار، ڪالي رام ، پريم ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.احتجاج ۾ ايس يو پي ڪارڪن درياء خان لغاري، اصغر سولنگي ، سهيل ٻرڙو ، اياز سولنگي اڳواڻي ۾ هندو برادري سان يڪجهتي طور تي شريڪ ٿيا ، احتجاج دوران واڻيا ناهيون سنڌ جا راڻا آهيون جهڙا جذباتي نعرا هنيا ويا، ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور پوليس هندو برادري جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي هوڏانهن وائيس آف خيرپور جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي، شهرين، عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ علي احمد ميمڻ ، فياض احمد خميساڻي، سجاد لاشاري، عاشق حسين عباسي، شهناز شيخ، شهباز ڦلپوٽو ، اڪبر مڪول ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،بڊاڻي، عمرڪوٽ، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا