”ڪچي ۾ نيٽو ۽ طالبان جا هٿيار ڪٿان آيا؟ ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا آهن“

نوشهروفيروز (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر  لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند،ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ايس ايس ٽي جي اڳوڻ علي محمد وڪو  نوشهروفيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو، ناميارو اديب ۽ ليکڪ زاهد راڄپر، ستار عمراڻي، سمي عطا راڄپر ۽ ٻيا موجود هئا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪار سنڌ  جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي،  ڌاڙيل رياستي رٽ کي چئلينج ڪريو ويٺا آھن، عوام پڇڻ ٿو چاھي ته ڇا رياست کان ڌاڙيل طاقتور آھن يا رياست ڌاڙيلن کي  سردارن جي سر پرستيءَ ۾ پالي تاتي تيار ڪري جديد ھٿيار ڏئي ماڻھن کي اغوا ڪرڻ ۽ مارائڻ جو ليسن ڏئي ڇڏيو آھي، عوام حڪمرانن کان پڇڻ چاھي ٿو ته ڌاڙيلن کي درياءَ جي ڪچي ۾ جديد ھٿيار پھچائيندڙ ڪير آھن؟ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي، ڌاڙيلن آئين کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، سمورا رياستي ادارا ڌاڙيلين اڳيان بيوس بڻيل آهن، سيڪيورٽي ادارا امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، ڌاڙيلن رياست جي رٽ کي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو آهي، ڌاڙيلن ملڪي آئين کي ڪچلي سمورا بنيادي انساني حق معطل ڪري ڇڏيا آهن، ڪورٽون، پوليس ۽ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي خلاف تحرڪ ۾ اچي، ڌاڙيلن خلاف فيصلا ڪن آپريشن جي ضرورت آهي، ڌاڙيل رياست کان زور ناهن پر رياست ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي، سنڌ وانا ۽ وزير ستان بڻائي وئي آهي، پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪومت سنڌ کي ڌاڙيل گردي جي ور چاڙهي ڇڏيو، رياست ڌاڙيل پيدا ڪري رکيا آهن، سنڌ ۾ هلندڙ ڌاڙيل گردي پٺيان سردارن ۽ جاگيردارن جو هٿ آهي، رياستي ادارا ڌاڙيلن جا سرپرست بڻيل آهن. هن چيو ته سنڌ جو عوام رياستي ادارن کان اهو سوال ٿو ڪري ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان پيا اچن؟ ڪچي جي ڌاڙيلن کي نيٽو ۽ طالبانن جا اسمگل ٿي پھتل هٿيار ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهن، رياست سنڌ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو  ته پيپلز پارٽي سموري اقتداري دور ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪئي، سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي سهولت ڪار بڻيل آهي، سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي دلالي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، معصوم نياڻين جو قتلام روز جو معمول بڻجي ويو آهي. ڌاڙيل معصوم ٻارن کي اغوا ڪري انھن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي شئير ڪن ٿا معصومن جون پڪارون رياستي ادارن ۽ ملڪي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي جو کليل ثبوت آهن، عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ جاگيردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گڏ سنڌ جي ڪچي ۾ فيصلائتي آپريشن وسيلي عوام لاءِ عذاب بڻيل ڌاڙيلن جي پاڙ پٽي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.