لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جي ملڪ جي 100 کان وڌيڪ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات جو معاملو بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. ڪجهه حلقا ان کي ملڪي معيشت کي صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه حلقا اجلاس کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
آرمي چيف آچر تي پهرين ڪراچي ۽ پوءِ لاهور ۾ ملڪ جي اهم ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون.وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي ڪاشف انور چيو ته آرمي چيف پهريان واپارين کي خطاب ڪيو ۽ پوءِ انهن جون تجويزون ٻڌيون،اسان انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ فرق جو معاملو به آرمي چيف آڏو اٿاريو.
ڪاشف انور موجب هن آرمي چيف کي چيو آهي ته سياسي پارٽيون چارٽر آف ايڪناميءَ تي متفق ٿيڻ تائين چونڊون نه ڪرايون وڃن.
معاشي ماهر ڊاڪٽر خاقان نجيب چيو ته ملڪ ۾ هن وقت محدود مينڊيٽ سان نگران حڪومت آهي، تنهن ڪري آرمي چيف غير يقيني واري ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ واپارين سان ملڻ مناسب سمجهيو.
خاقان نجيب جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي معيشت ۽ معاشي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪي عملي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.