جَوَن جو شمار اَنَ ۾ ٿيندو آهي، اهو اهڙو ته طاقتور اَن آهي جنهن جا فائدا سڄي دنيا ۾ مڃيل آهن.
وچ ايشائي علائقي چين، جاپان ۽ ڪوريا ۾ جَوَن جي مختلف استعمال سان گڏ انهن جي چانهه به وڏي شوق سان ٺاهي ۽ پيتي وڃي. اتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها چانهه صحت جي تمام بهترين فائدن واري آهي. هر شيءِ خاص ڪري نڪوٽين مليل شين جي لڳاتار استعمال سان ماڻهوءَ کي انهن جي عادت پئجي ويندي آهي، توهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين لڳاتار جَوَن جي چانهه پيئڻ جي باوجود توهان کي ان جي عادت ڪڏهن به نه ٿيندي ڇو ته ان ۾ نڪوٽين جو زرو به ناهي هوندو. پر ان جي فائدن جي ڪري توهان کي اها چانهه روز پيئڻ جي عادت ضرور وجهڻ گهرجي.