ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم مان وڏو بيٽر ڪير؟

سرمد ادل سولنگي

سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان اِھو سوال گردش ڪري رھيو آھي، ڳالهه بحث ۾ تبديل ٿيندي آھي ۽ وري جڏھن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪو مقابلو ٿيڻ وارو ھوندو آهي ته ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي نالا ٽرينڊ ڪرڻ لڳندا، ٽرينڊ ٿيڻ شرط ٻنهي شخصيتن جي مداحن کي ٽرولنگ جو موقعو ملي ويندو ۽ پوءِ ھڪ نه کٽندڙ سلسلو جنم وٺندو آهي ۽ ھر ڪو اھو ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي ته انهن ٻنهي مان بهتر ڪير آھي!

اِھو سوال ڪو نئون نه آھي، جڏھن به ٻنهي ملڪن جي مداحن سان ڪرڪيٽ جي دُنيا ۾ موجوده بهترين بيٽر جو ذڪر ڪندئو ته سڀ کان پهرين جيڪي ٻه نالا ٻڌڻ ۾ ايندا اھي ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم جا ھوندا .

پر ڪوهلي ۽ بابر مان وڏو بيٽر ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب ڪيترو اھم آھي ان کي ھڪ پاسي رکي جيڪڏھن ٻنهي جي ڪرڪيٽ ڪيريئر تي ھڪ نظر وجهون ته پتو پئي ٿو ته ٻئي مڊل ڪلاس طبقي سان واسطو رکن ٿا، جتي ڪوھلي ڀارت جي گادي واري شهر ۾ جنم ورتو، اتي ئي بابر پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ ڄائو، ٻنهي جي ڪرڪيٽ جو سفر ڪيئي لاھن چاڙهن تي ٻڌل آھي، ٻنهي ۾ هڪجهڙائي اھا آھي ته ٻنهي پنهنجي محنت، قابليت ۽ صلاحيت سان پنهنجو مقام ٺاھيو.

ويرات ڪوهلي دهلي، انڊيا بليو، انڊيا ايمرجنگ پليئرز، انڊين بورڊ آف پريزيڊنٽ اليون، ريسٽ آف انڊيا، انڊيا ريڊ، نارٿ زون، آئل اينڊ نيچرل گئس ڪارپوريشن، انڊيا انڊر 19، انڊيا اي لاءِ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.

هن 2008ع ۾ سريلنڪا خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ان کان ٻه سال پوءِ يعني 2010ع ۾ بابر اعظم فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ قدم رکيو.

دهليءَ جي عام ڇوڪرَي کان هو ڀارتي ٽيم تائين ڪيئن پهتو اهو ته هڪ ڊگهو داستان آهي پر اسان ان اننگز جو اڄ ذڪر ڪيون ٿا، جنهن کيس ان مقام تائين رسائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.

ويرات ڪوهلي 18 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي ٽيم لاءِ رانجي ٽرافي ۾ هڪ يادگار اننگز کيڏي هئي، جيڪا سندس ڪيريئر کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اهم ثابت ٿي.

ڪوهلي ڪرناٽڪ خلاف پنهنجي ڊيبيو ميچ کيڏي رهيو هو، ميچ واري رات سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو پر هو صبح جو ميدان ۾ آيو ۽ پنهنجي ڪيريئر جي بهترين 90 رنسن جي اننگز کيڏي.

ان ڏينهن جن ماڻهن کيس فيروز شاهه ڪوٽلا اسٽيڊيم ۾ بيٽنگ ڪندي ڏٺو، انهن کي اڄ به ياد آهي ته ٽن ڪلاڪن جي ان اننگز هڪ نوجوان کي مئچور ڪرڪيٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.

جيئن جيئن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪوهلي جو قد، مان مرتبو وڌيو، سندس مزاج ۾ به وڏيون تبديليون نظر اچڻ لڳيون، سندس جارحاڻو انداز فطري آهي يا نه، ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو پر حقيقت اِها آهي ته هُن ان کي مخالف ٽيمن خلاف هڪ هٿيار طور ڪم آندو آهي.

ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ 501 ميچون کيڏندي هن 25582 رنسون اسڪور ڪيون آهن، جن ۾ 76 سينچريون، 131 ففٽيون شامل آهن.

پنهنجي محنت، قابليت، صلاحيت ۽ خود اعتماديءَ سبب اڄ کيس ڪرڪيٽ جي دنيا جي سڀ کان ڪامياب بيٽرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

ويرات ڪوهلي عظيم سچن ٽنڊولڪر، راهول ڊريوڊ، گوتم گمڀير، وريندر سهواگ، وي وي ايس لڪشمڻ جي موجودگي ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، هُن ڪرڪيٽ ۾ اسٽارڊم واري لاڙي کي هٿي وٺرائي، ڏسندي ئي ڏسندي هو هڪ برانڊ بڻجي ويو، سندس نالي کي ڪاميابي جي ضمانت قرار ڏنو ويو، هو هن وقت دُنيا جي ٽاپ ڏهن بااثر ايٿيلٽس منجهان هڪ آهي.

اتي ئي وري بابراعظم، اڪمل ڀائرن جو ويجهو مٽ هئڻ باجود هڪ بال پِڪر طور پنهنجو سفر شروع ڪيو، هونئن به سندس مزاج ۽ راند پنهنجن مائٽن کان مختلف رھي، انڊر 19 کان ئي سندس نالو گونجڻ لڳو هو، ان گونج کي پي سي بي جي ڪنن تائين پهچڻ ۾ گهڻي دير به نه لڳي، ھو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ميدان ۾ اچڻ شرط ئي پرفارم ڪرڻ لڳو پر کيس ٽيسٽ ٽيم ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو.

بابر اعظم اهڙي وقت ۾ پاڪستان ٽيم ۾ انٽري ڏني، جڏهن گرين شرٽس ۾ بيٽرن جو بحران هو، هن ان بحران جو ڀرپور فائدو ورتو، ڇاڪاڻ جو منجهس ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صلاحيت ۽ قابليت هئي ۽ سندس معيار جو پليئر ڊگهي عرصي کان پاڪستان کي ملي نه سگهيو هو.

پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بيٽر ئي هئا، جن مستقل مزاجي سان پرفارم ڪيو ۽ ڊگهي عرصي کان پاڪستان اِها کوٽ محسوس ڪندو رهيو پر بابر جي اچڻ شرط ئي نه رڳو اِها کوٽ پوري ٿي پر بابر اعظم پاڪستان ڪرڪيٽ جي اميدن جا ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا.

بابر اعظم هوريان هوريان اسٽار جو روپ اختيار ڪرڻ لڳو، جڏهن ته هن وقت سندس پرستارن جو انگ مُلڪي سرحدون اورانگهي چڪو آهي ۽ دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس چاهيندڙ رهن ٿا.

بابر اعظم ڪيئي ڀيرا پنهنجي انٽرويوز ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪري چڪو آهي ته کيس ويرات ڪوهلي تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو ۽ سندس بقول ته ويرات موجودا عهد جو تمام وڏو بيٽر آهي.

پر ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ان باوجود اِهو بحث آئي ڏينهن زور پڪڙي رهيو آهي ته ٻنهي مان وڏو بيٽر ڪير آهي؟

انگن اکرن جي ڳالهه ڪجي ته ويرات ڪوهلي بابر اعظم کان گهڻو اڳتي نظر اچي رهيو آهي پر جيڪڏهن وري انگن اکرن کي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو وڃي ته بابر اعظم به پوئتي نه آهي، هو ٽي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جو ڪامياب ڪپتان بڻجڻ کان رڳو هڪ وک پوئتي آهي ۽ ڪپتان طور ٽي سينچريون اسڪور ڪندڙ دُنيا جو پهريون بيٽر پڻ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ٻيا ڪيئي رڪارڊ هو ايندڙ ڏينهن ۾ ٽوڙي سگهي ٿو، جيئن تيز ترين پنج هزار رنسن جو رڪارڊ ( جيڪو ھن ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ٽوڙي ڇڏيو) به اهم آهي .

هن وقت ويرات ڪوهلي ٽن سالن کان رُٺل پنهنجو فارم ٻيهر بحال ڪري چڪو آهي، جتي ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر دوران ئي عظيم ڪرڪيٽر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، سچن جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن ڀارتي مداحن ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي سندس کوٽ محسوس ٿيڻ ناهي ڏني ۽ لاڳيتو هو ڪرڪيٽ جي دنيا کي انٽرٽين ڪري رهيو آهي، اتي ئي ظهير عباس، جاويد ميانداد، سعيد انور، انضمام الحق، محمد يوسف ۽ يونس خان کان پوءِ بابر اعظم ان فهرست ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان نظر اچي رهيو آهي.

گذريل سال ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر جو اعزاز اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان مهيلا جي ورڌني کان کسي ورتو هو، جنهن مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو وڏن ايونٽن ۾ ڪهڙي انداز سان پرفارم ڪري ٿو، جڏهن ته اتي وري ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ ۾ بابر اعظم جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي هئي پر ان جو مطلب اِهو ناهي ته هو وڏين ميچن جو پليئر ناهي، هن 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري پاڪستان کي هارايل بازي کٽرائي هئي ۽ ان کانسواءِ گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيل 2021 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ هن چار ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.

پر ويجهي ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته هو ميگا ايونٽن ۾ اهڙي نموني پرفارم ناهي ڪري رهيو، پاڪستان لاءِ مختلف ڪنڊيشنز جهڙوڪ آسٽريليا ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران سندس فلاپ ٿيڻ ڏاڍو هاڃيڪار ثابت ٿيو هو.

انٽرنيٽ جي اچڻ ۽ رڪارڊن تائين هر عام ماڻهو جي پهچ به ڪرڪيٽ کي فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ڏنو آهي، خاص طور ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جيڪو معلومات جو غلط استعمال ٿئي ٿو اِهو ڏسي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، ڪرڪيٽ هن وقت جينٽلمين راند کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، جديد سهولتون محبتن وڌائڻ بدران ويڇا وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن، سياستدانن جي لوڀ لالچ جي ور چڙهي ويل پاڪ- ڀارت ڪرڪيٽ هاڻي جنگ جو ميدان بڻجي وئي آهي، هاڻي موبائل جي ٽچ اسڪرين ذريعي ٻنهي مُلڪن جا واهپيدار هڪٻئي تي لفظي گولا باري ڪري رهيا آهن.

ان نفرتن وچ ۾ ڪير اِهو نٿو سمجهي سگهي ته گواسڪر، سچن، سهواگ، يا جاويد، انضمام ۽ يوسف تمام وڏا بيٽر ڇو بڻيا؟ ظاهر آهي، پنهنجي قابليت جي بنياد تي ئي اڄ به ڪرڪيٽ جي دُنيا ۾ انهن جا نالا اهم ڄاتا وڃن ٿا پر جيڪڏهن گواسڪر، لالا امر ناٿ بڻجڻ جي ڪري يا سچن گواسڪر ٿيڻ چاهي ها ته ڇا اڄ انهن جا نالا هجن ها؟ هرگز نه، ڇو جو هر ڪنهن جي کيڏڻ جو انداز مختلف هو، دور مختلف هئا گهرجون مختلف هيون پر اڄڪلهه جديد دور ۾ هر ڪو چاهي ٿو ته سندس فيورٽ ڪرڪيٽر پرفارم ڪري، جيستائين هو پرفارم ڪندو ان کي مختلف لقبن سان نوازيو ويندو ۽ جڏهن هو خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندو ته ساڳيا ئي ماڻهو ان کي زيرو ثابت ڪرڻ۾ دير نه لڳائيندا.

اهڙو ئي ڪجهه اڄڪلهه ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم سان به ٿي رهيو آهي، ٻنهي جي راند، قابليت ۽ صلاحيت مختلف آهي، کيڏڻ جو انداز مختلف آهي، سوچ ۽ مزاج مختلف آهن پر انڊو پاڪ پرستار هر ڳالهه ۾ ٻنهي کي ڳنڍڻ چاهين ٿا، ويرات ڪوهلي پنهنجي اڌ کان گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي ۽ بابر کي اڌ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته پوءِ ڇو نه ان سوال جو جواب وقت تي ڇڏي ڏجي ۽ جڏهن هو پنهنجي، پنهنجي ڪرڪيٽ کيڏي چُڪا هجن ته فيصلو ڪجي ته نيٺ ٻنهي بيٽرن مان وڏو بيٽر ڪير هو؟ پر تيستائين اسان کي ويرات کي ويرات ۽ بابر کي بابر ئي رهڻ ڏجي.

سرمد ادل سولنگي
سرمد ادل سولنگي
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.