طلاق کانپوءِ ڪهڙو اثر پيو؟ ثانيا مرزا جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته طلاق کانپوءِ مان رات جي ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي.
ثانيا مرزا تازو بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر سان هڪ انٽرويو ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران هن مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
هن چيو ته اڪيلي سر ٻار جي پرورش ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته اسان ڪم ڪندا آهيون، تنهن ڪري اسان تي مختلف ذميواريون به آهن.
سندس چوڻ هو ته مان دبئي ۾ رهندي آهيان ۽ پٽ کي اتي ڇڏي سفر ڪرڻ مون لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، ڇو ته مان ان کي ناهيان ڏسي سگهندي، منهنجي ماءُ مون لاءِ رحمت آهي، ڇو ته اها پٽ سان گڏ هوندي آهي.
ثانيا مرزا وڌيڪ چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا رات جي ماني ڇڏي ڏيندي هيس، ڇو ته اڪيلي نه کائي سگهندي هيس پر ان سان مون کي وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد به ملي.
واضح رهي ته ثانيا مرزا پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان شادي کانپوءِ دبئي منتقل ٿي وئي هئي پر ٻنهي رستا ڌار ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ثانيا پٽ اذهان کي پاليندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.